چانڊيو عبدالحق مولانا

چانڊيو، عبدالحق، مولانا: ديني عالم، فقيهه، مولانا عبدالحق ولد حافظ بلوچ خان چانڊيو، 21 سيپٽمبر 1874ع تي ڳوٺ راوتسر، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو. اڃا چئن مهينن جو هو ته سندس والد گذاري ويو. ان کانپوءِ پنهنجي والده ۽ ڏاڏي احمد خان جي تربيت هيٺ رهيو. قرآن شريف جي تعليم پنهنجي ڏاڏي ميان حاجي احمد خان کان ورتائين. وڌيڪ تعليم روهڙيءَ، رپ، حيدرآباد ۽ پير ڳوٺ جي مدرسن مان حاصل ڪري، سيد علي مردان شاهه جي درگاهه ۽ مدرسي پير ڳوٺ مان فارغ التحصيل ٿيو. تعليم پوري ڪري 1893ع ڌاري واپس ڳوٺ آيو. 1898ع ڌاري ڏاڏي حاجي احمد خان جي وفات کانپوءِ خاندان جو پڳدار ٿيو. مولانا عبدالحق ڪجهه وقت تپيداريءَ جي ملازمت ڪئي، پر چئن سالن بعد استعيفا ڏئي انگريز حڪومت بدران عوام جي خدمت کي ترجيح ڏنائين. ڳوٺ جي آسپاس ننڍا مدرسا قائم ڪرايائين. خلافت تحريڪ ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي، عبدالله هارون، محمد صادق کڏي واري سان گڏ متحرڪ ڪردار ادا ڪيائين. 1898ع ڌاري راوتسر ۾ ’مدرسه مظهرالحق‘ قائم ڪيائين. مولانا صاحب ڄاڻو طبيب به هو. راوتسر ۾ مدرسي سان گڏ شفا خانو به هلائيندو هو ۽ غريبن جو مفت علاج ڪندو هو. سندس ڪوششن سان 1920 ڌاري راوتسر ۾ ’مسلم اسڪول‘ رجسٽر ٿيو، جنهن جو هيڊ مقرر ٿيو. 1935ع ۾ شبانه گرلز اسڪول قائم ڪرايائين. هن ليٿو مشين پريس به هڻائي، پر ورهاڱي کان اڳ ڪن ڌُرين ان مشين کي نقصان به رسايو ۽ موجود قلمي نسخا به کڻائي ويا. اڳتي هلي، حڪومت پاران 1971ع ۾ سندس ليٿو پريس ضبط ٿي.
مولانا عبدالحق جو هڪ ٻيو ڪارنامو ٿر ۾ ’اونڌو ٻانڌو‘ نالي سان 9x13 انچي سِر جي مدد سان کوهه ٺاهڻ به آهي. نوَ تيرهي سِر جو ڍانچو هن ئي ٺاهيو، جنهن ذريعي ٿر ۾ کوهن جي اوساري، تعمير ۽ مرمت ڪافي آساني ٿي پئي. ٿر ۾ ڪيترا کوهه سندس هٿن سان تيار ٿيل اڄ به موجود آهن. انگريز دور ۾ راوتسر ۾ پوسٽ آفيس کولرايائين. مولانا صاحب دهلي، اجمير، بمبئي، ملتان، بيت المقدس، شام ۽ ٻين عرب ملڪن جو سفر به ڪيو. 28 جنوري 1939ع تي راوتسر ۾ وفات ڪيائين


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1874.09.21  عيسوي

ديني عالم، فقيهه، مولانا عبدالحق ولد حافظ بلوچ خان چانڊيو، 21 سيپٽمبر 1874ع تي ڳوٺ راوتسر، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو


1939.01.28  عيسوي

مولانا عبدالحق 28 جنوري 1939ع تي راوتسر ۾ وفات ڪيائين



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ فتح محمد
سيد محمد مبارڪ جيلاني
ٿانوي اشرف علي مولانا
حيدر علي لغاري
علي شيرازي
عبدالعليم صديقي قادري
ابوالحسن ڏاهري
سيد عبدالخالق جيلاني
احمد خان جمالي مولانا
شهيد ثالث قاضي سيد نورالله شوستري
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون